پي پي ۽ ن ليگ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

پي پي ۽ ن ليگ پي ڊي ايم سربراهي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) يوسف رضا گيلاني جي چونڊجڻ کان پوءِ ٻرندڙ باهه تي پاڻي وجهڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جو سربراهي اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.اپوزيشن پارٽي پ پ جي سينئر اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته اپوزيشن پارٽين ۾ هلندڙ سمورن معاملن تي غور جي لاءِ پي ڊيم جو سربراهي اجلاس گهرايو وڃي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ انفرادي فيصلن جي ڪابه حيثيت ناهي. ڪنهن جي خواهشن تي پي ڊيم مان ڪنهن پارٽي کي نٿو ڪڍي سگهجي.پ پ اڳواڻ نيئر بخاري موجب اسان(ن) ليگي ڪارڪن ناهيون جو اهڙي طريقي سان ڳالهيون ڪريون. پيپلز پارٽي کي پي ڊي ايم مان ڪڍڻ جو موقف(ن) ليگ جو هوندو. سمورين اپوزيشن پارٽين جو نه. نيئر بخاري اهو به چيو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ بڻجي ويو آهي(ن) ليگ کي خدشا آهن ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله چيو آهي ته پي ڊي ايم سربراهه جو بيان نه اچڻ تي حيرانگي نه ٿيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان کي درخواست  ڪئي آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس گهرائي ته جيئن پيپلز پارٽي سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪريون ۽ انهن کان سوال پڇون.

پهنجو تبصرو موڪليو