پي ٽي آءِ ۾ 2010 کانپوءِ اليڪشن نه سليڪشن ٿي

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي جعلي انٽرا پارٽي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو اهو ئي فيصلو اچڻو هو.نوشهرا ۾ گفتگو ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته تحريڪ انصاف ۾ 2010 ۽ 2011 کانپوءِ ڪي چونڊون درست نه ٿيون، پارٽي ۾ اليڪشن بجاءِ سليڪشن ٿي. هن چيو ته هڪ پارٽي پنهنجي اندر جمهوريت پيدا نه ڪري سگهي ته ان مان جمهوريت جي ڪهڙي اميد هوندي، اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي سڀني اميدوارن جي حيثيت آزاد اميدوارن جي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ تحريڪ انصاف مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پارٽي نئين آهي، سڄي صوبي ۾ چونڊ مهم هلائي رهيا آهيون، سڄي صوبي ۾ تقريبن 70 تڪن تان اميدوارن کي بيهاري رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو