پي ٽي آءِ ڌرڻو: ڊي جي آءِ بي کان رپورٽ طلب، سي پي او پنڊي عدالت ۾ معافي وٺي ڇڏي

پي ٽي آءِ ڌرڻو: ڊي جي آءِ بي کان رپورٽ طلب، سي پي او پنڊي عدالت ۾ معافي وٺي ڇڏي

راولپنڊي(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي ڌرڻن جي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سي پي او راولپنڊي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي آءِ بي کان ڌرڻن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ جسٽس مرزا وقاص رئوف پي ٽي آءِ جي ڌرڻن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ڪيپٽن شعيب، سي پي او شهزاد بخاري ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت سي پي او راولپنڊي جي ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي اعتراض ڪندي چيو ته جيڪڏهن سي پي او راولپنڊي اڃا به پنهنجي ميڊيڪل رپورٽ تي قائم رهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو جواز ناهي، جڏهن ته عدالت کان پڇاڻو ڪيو. سي پي او جيڪڏهن عدالت کي ڏنل ميڊيڪل رپورٽ تي بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو