پي ايس ايل افتتاحي ميچ، ملتان کي لاهورين هٿان شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي افتتاحي ميچ ۾ لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 176 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ملتان سلطانز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون.ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ لاهور طرفان ڏنل هدف جي تعاقب ۾ محمد رضوان ۽ شان مسعود اننگز جي شروعات ڪئي پر شان مسعود 100 جي مجموعي اسڪور تي 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ٻئي طرف محمد رضوان ذميواراڻي بيٽنگ جاري رکندي پنهنجي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 75 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي هٿان بولڊ ٿي ويو.لاهور قلندرز طرفان ان کان اڳ فخر زمان ۽ طاهر بيگ اننگز جي شروعات ڪئي پر 61 جي مجموعي اسڪور تي طاهر بيگ 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ملتان سلطانز کي 26 بالن تي 42 رنسون گهربل آهن ۽ ڪيرون پولارڊ ڊيوڊ ملز سان گڏ وڪيٽ تي موجود آهن.فخر زمان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽورنامينٽ جي پهرين ففٽي اسڪور ڪئي ۽ هو 66 رنسون ٺاهي اساما مير جو شڪار ٿيو جڏهن ته شائي هوپ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ ڪامران غلام 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.حسين طلعت 20 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته سڪندر رضا 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. لاهور جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهي سگهي. ملتان سلطانز طرفان اساما مير ۽ احسان الله 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عقيل حسين ۽ شاهنواز دستي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ان کان اڳ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو


ٽيمون
ملتان سلطانز جي ٽيم ۾ محمد رضوان کانسواءِ شان مسعود، عثمان خان، ڊيوڊ ملر، ڪيرون پولارڊ، خوشدل شاهه، عقيل حسين، اساما مير، سمين گل، شاهنواز دھاني ۽ احسان الله شامل آهن.لاهور قلندرز جي ٽيم جي قيادت شاهين شاهه آفريدي ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان، طاهر بيگ، شائي هوپ، ڪامران غلام، حسين طلعت، سڪندر رضا، ليام ڊوسن، ڊيوڊ ويل، حارث رئوف ۽ زمان خان شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو