پيپلز پارٽي(ش ڀ) پاران مختلف شهرن ۾ زرداري ۽ فريال خلاف احتجاج

ڪراچي(نمائندن وٽان) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فريال ٽالپر کي گهر ۾ نظر بند ڪرڻ ۽ آصف علي زرداري کي سياسي قيدي جو درجو ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. خيرپور مان مجھاهد سولنگي موجب پي پي شهيد ڀٽو تعلقي خيرپور پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شهيد ڀٽو جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ غريب مسڪين ۽ هاري پورهيتن لاءِ ٻيو قانون آهي ۽ اميرن لاءِ ٻيو جنهن جو تازو مثال سنڌ ۾ مني لاڊرنگ ۽ ڪرپشن ڪندڙ فريال ٽالپر کي جيل بدران گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي.

ضمير سولنگي، فضل شيخ، ڪامريڊ اشفاق سرڪي ۽ ٻين چيو ته هنن تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن ۽ هو ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. ***ڪنڌڪوٽ مان غالب بلوچ موجب مقامي اڳواڻن سومر سانوند ۽ منير کوسو جي اڳواڻي ۾ فريال ٽاپورکي جيل منتقل ڪرڻ لا۽ گھنٽاگھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھروڪيو ويو۔

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي معيشت کي بربادڪندڙ فريال ٽالپور کي گھر ۾ نظربند ڪرڻ بجا۽ فوري طور جيل موڪليو وڃي۔ ***سکر مان امداد ڪلوڙ موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيل ۾ سياسي قيدين واري سهولت ملڻ خلاف پ پ ش ڀ پاران سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي نيڪ محمد ڪورائي، سراج ميراڻي، جاويد نوحاڻي، اسحاق جسڪاڻي، سردار قربان ڪلوڙ، عبدالستار ڀٽو، سجاد حسين منگي جاڙو خان لاکو، امتياز ملاح، فراز ڀٽو ۽ ٻين چيو ته ملڪ اندر مالدار ماڻهن لاءِ الڳ ۽ بيوس ماڻهن لاءِ الڳ قانون نظر اچي رهيو آهي. هنن چيو ته زرداري ۽ فريال ٻئي ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار آهن ساڻن سلوڪ به اهڙو ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.*** سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب سنڌ اندر ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۽ مڪاني ادارن سميت  ٻين کاتن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ آفيسر شاهي جي من مانين خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران پبلڪ پارڪ کان جي ايم سيد چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن غازي قادر ڪٻر ، مهتاب راڄپر، اسلم ڦل ، محمد اسماعيل سهتو، غلام سرور ڪٻر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته چيئرمين ۽ آفيسر سڄو ڏينهن هوٽلن ۽ بنگلن تي ڪوڙا بل ٺاهڻ ۾ مصروف رهن ٿا ۽ عوام ويچارو شديد ترين تڪليفن ۾ مبتلا آهي جنهن ڪري رياست جي احتساب ڪندڙ ادارن کي اپيل آهي ته ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن ۽ غريبن جي حال تي رحم ڪيو وڃي.*** پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب شهيد ڀٽو جي تعلقہ صدرايم اسحاق جسڪاڻي، شفقت حسين ڪلوڙ، جاوید ڪورائي، نورالدین پٺاڻ الطاف حسین، ڪامريڊ لال چاچڙ ۽ مظفر ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيل ڀاءُ ڀيڻ سان عام قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي ترجمان نذيرڌوڪي چيو آهي ته غنويٰ ڀٽو پارٽي حڪومت جي چرچ تي مظاهرا ڪيا آهن ۽ سڄي سنڌ ڏٺو ته هنن جو ڪنهن به مظاهري ۾ ڪو وڏو تعداد نه هو ۽ عوام هنن کي اڳ ۾ ئي رد ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو