پيپلزپارٽي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت کان استعيفيٰ ڏئي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽر رضا رباني سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن پر آرٽيڪل 149 صرف هدايتن تائين محدود آهي وفاق پاران ڪراچي جا انتظام سنڀالڻ واريون ڳالهيون غير آئيني ۽ غير قانوني آهن. هن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال بدتر آهي ۽ اها صورتحال وفاقي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب ٿي آهي. اسان وفاق حڪومت کان استعيفيٰ ڏيڻ سان گڏ ملڪ ۾ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ٿا ڪيون. رضا رباني وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته جڏهن سڄي قوم ڀارت جو اصلي چهرو دنيا کي ڏيکاري رهي هئي ته ان وقت ڪراچي متعلق اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ ڇا آرٽيڪل 149 جي ڳالهه ڪرڻ صوبائي خودمختياري تي حملو ناهي؟ هي ڪنهن جي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيا  آهن. رضا رباني وڌيڪ چيو ته 8 سال گذرڻ باوجود صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ کان محروم رکيو ويو آهي ۽ دعويٰ سان چوان ٿو ته صوبن جا اختيار گهٽائڻ  آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ شامل هيو. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد صوبن جا پئسا هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو جيڪڏهن ڪو خواب خيال ۾ سوچي ٿو ته هو 18هين ترميم کي ختم ڪندو ته اهو جاهلن جي جنت ۾ رهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو