پيارو مائينر جي متاثر آبادگارن جو ڊائريڪٽر آفس آڏو احتجاج

گهوٽڪي (رپورٽ حميد ڪلادي) پيارو مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن عبدالجبارلغاري ميوو لغاري، دين محمد مهر، شبير مهر ۽ خليل لغاري  جي اڳواڻي ۾ سيڊا ڊائريڪٽر جي آفيس اڳيان ٽائرن کي باهه ڏيئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ڊي او  پيارو مائينر ۽ داروغو غيرقانوني موڳا هلائي پڇڙي تائين پاڻي نٿا پهچائن، جنهن سبب گذريل ٽن سالن کان اسانجو فصل  نه ٿي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملوث عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو