پوليس ڪاروائي ڪري جاپاني شهري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ پوليس ڪاروائي ڪري هڪ جاپاني سياح  اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. جاپان جو شهري سيوهڻ کان ڪار ۾ لفٽ وٺي لاهور لاء نڪتو هو ته ڪار وارن جاپاني شهري کي ڳڙهي تيغو ويجهو لاهي هليا ويا. جاپاني شهري کي اهو چئي لاهي هليا ويا ته ڪچي جي طرف کان لاهور جو رستو ويندو آهي، غير ملڪي شهري ڪچي طرف روانو ٿيو ته اطلاع ملڻ تي پوليس بروقت پهچي کيس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. غير ملڪي شهري پاڪستان جي ٽوئر تي ست مارچ تي جاپان کان ڪراچي پهتو هو. ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاھ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاپاني شهري کي جاپان ايمبيسي وارن سان رابطو ڪري ان کي حفاظت سان روانو ڪيو ويندو . ٻئي طرف ايس ايس پي اسد رضا شاھ پاران جاپاني شهري کي سنڌي ثقافت اجرڪ جو تحفو به ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو