پنهنجي مٿان ٿيل ظلم برداشت ڪندس، عوام مٿان نه ڪندس: نوازشريف

سيالڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف چيو آهي ته مان پنهنجي مٿان ٿيل ظلم کي برداشت ڪري سگهان ٿو ۽ ڪري رهيو آهيان پر جيڪو ظلم عوام سان ٿيو ان کي برداشت نٿو ڪري سگهان.سيالڪوٽ ۾ ميان محمد نوازشريف جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪا ماني منهنجي دور ۾ 4 روپين ۾ ملندي هئي اها اڄ 25 روپين جي ملي رهي آهي. پيٽرول 65 روپيه ليٽر تي ڇڏي ويو هئس اڄ ڪيترو مهانگو ٿي ويو آهي. 50 روپيه ڪلو کنڊ اڄ 150 تي پهچي وئي آهي.هن چيو ته هن قوم تي ڪيترو ظلم ڪيو ويو آهي، انهي ظلم جو ذميوار ڪير آهي؟ اوهان ملڪ جو اهڙو حال ڪري ڇڏيو آهي جو هاڻ بجلي جا بل مهانگا ۽ گيس اڻلڀ ٿي چڪي آهي. نوازشريف چيو ته بجلي نه گيس، ماني نه پيٽرول سڀ شيون عوام جي وس کان ٻاهر ٿي ويون آهن. 2017 بهتر هو يا 2023-24 جنهن به ملڪ سان اهڙو ظلم ڪيو آهي انهن کان پڇنداسين ته ائين ڇو ڪيو ويو اهو ظلم منهنجي مٿان نه پر قوم تي ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته مان پنهنجي مٿان ٿيل ظلم ته برداشت ڪري وٺندس ۽ ڪري رهيو آهيان پر جيڪو ظلم عوام سان ٿيو آهي ان کي برداشت نٿو ڪري سگهان. انشاءَالله خوشحالي جيڪا اسان کان پري ٿي وئي آهي ان کي واپس آڻيندس مون کي صرف اوهان جو ساٿ گهرجي.ميان نوازشريف وڌيڪ چيو ته سيالڪوٽ وفادار ۽ بهادر ماڻهن جو شهر آهي. خواجه آصف سان منهنجو تعلق شاگردي واري دور کان آهي خواجه آصف دوست، سياستدان ئي نه پر بهترين انسان به آهي. منهنجو خواجه آصف سان 55 سالن جو پراڻو تعلق آهي. اسان گڏجي گورنمنٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو