پنجاب ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 14 هزار 815 ڪيس رپورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 52 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ هلندڙ سال 36 ضلعن ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 14 هزار 815 ٿي ويو آهي.سيڪريٽري صحت پنجاب علي جان خان جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ هلندڙ سال ڊينگي جا 6 هزار 814 ڪيس سامهون آيا آهن.علي جان خان ٻڌايو ته لاهور ۾ ڊينگي جا 32، گوجرانوالا ۾ 4 ۽ ملتان ۾ 4 ڪيس سامهون آيا آهن.سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته فيصل آباد ۾ ڊينگي جا 6، اوڪاڙه ۾ 2 ۽ سيالڪوٽ، بهاولپور، گجرات ۽ بهاولنگر ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي اسپتالن ۾ ڊينگي جا 44 مريض علاج هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو