لاهور (ويب ڊيسڪ) ڇنڇر ڏينهن سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ قهر جي گرمي رڪارڊ ڪئي وئي پراسلام آباد، ۽ پنجاب جي اترين ضلعن ۾ زبردست طوفان بعد بارش ٿي آهي جنهن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي. اين ڊي ايم اي موجب، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن وٺو. ان کان علاوه اٽڪ ۽ راولپنڊي ۾ به بارش ٿي آهي. جڏهن ته فيصل آباد، لاهور، نارووال، اٽڪ، جهلم، چڪوال، ميانوالي ۽ سيالڪوٽ ۾ ڪڪر ڦاٽڻ جو امڪان آهي، خيبر پختونخواهه ۾ مردان، پشاور، صوابي، چارسده، نوشهره، بٽگرام، مانسهره، ايبٽ آباد جي علائقن ۾ به طوفان۽ گجگوڙ سان برسات پئي آهي. ٻئي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو ٻڌايو ويو هو. ڪالهه رڪارڊ ڪيل سڀ کان وڌيڪ گرمي پد سبي ۾ 51 ڊگري سينٽي گريڊ هو.










