پريانڪا چوپڙا به ڊيپ فيڪ وڊيو جو شڪار

بالي ووڊ ۾ ڊيپ فيڪ وڊيوز جي وڌندڙ واقعن هاڻي پريانڪا چوپڙا کي به پنهنجي لپيٽ ۾آڻي ورتو،گذريل ڪجهه ڏينهن کان بالي ووڊ جون اداڪارائون نامناسب جعلي وڊيوز جي نشانن تي آهن، پهرين ريشميڪا منڊانا ۽ ڪترينا ڪيف کي نشانو بڻايو ويو، پوءِ ڪاجول ۽ عاليا ڀٽ به ان کان بچي نه سگهيون، هاڻ تازي خبرن موجب پريانڪا چوپڙا جي جعلي وڊيو سامهون اچي وئي آهي. ٻين ڀارتي اداڪارائن وانگر پريانڪا چوپڙا جي وڊيو به آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ٺاهي وئي آهي.پر هن ڀيري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ جعلي وڊيو ۾ سندس چهري بدران سندس آواز تبديل ڪري جعلي برانڊ کي پروموٽ ڪيو ويو آهي.نه رڳو ايترو پر ان جعلي وڊيو ۾ به اداڪارا کي پنهنجي سالياني آمدني جو اعلان ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌي سگهجي ٿو.جڏهن ته اداڪار اڃا تائين پنهنجي ڊيپ فيڪ وڊيو بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.ڊيپ فيڪ هڪ ٽيڪنڪ آهي جيڪا مصنوعي ذهانت استعمال ڪندي وڊيوز، تصويرن ۽ آڊيوز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، پر ان جي مسلسل غلط استعمال ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو