پاڻي مان جراٽيمن جو خاتموڪرڻ واري نئين ڌات ايجاد

بيجنگ (م ڊ) چين جي سا.نسدانن هڪ اهڙي جادوئي ڌات تيار ڪئي آهي، جنهن سان پاڻي مان 99.99  سيڪڙو جراٽيم ۽  بيڪٽيريا کي ختم ڪري  سگھجي ٿو. چيني اڪيڊمي آف سائنسز ۽ يانگ زو يو، يونيورسٽي، گريفائيٽڪ ڪاربان نائٽرائيڊ جي مرڪب جو هڪ پرت ٺاهيو آهي. جنهن کي اگر سج  جي روشني تي رکيو وڃي ته صرف هڪ ڪلاڪ ۾ 10 ليٽر پاڻي کي جراٽيم ۽  بيڪٽيريا کان پاڪ ڪري سگهجي ٿو. ماهرن  هن عمل ڪي “ فوٽوڪيٽلڪ ڊس انفيڪشن” جو نالو ڏنو آهي، جيڪو زير استعمال فلٽر سسٽم جو هڪ بهترين متبادل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻي صاف ڪرڻ جي هن نئين طريقي جي خاص ڳالهه اها آهي ته استعمال ۾ آسان، ماحول دوست ۽ سستو هجڻ آهي. هن ڌات جي هڪڙي خاصيت اها به آهي ته هن جا ذرڙا پاڻي ۾ شامل نه  ٿي  سگهندا ۽ پاڻي خالص ۽ صاف ٿي وڃي ٿو. هي سج جي ڪرڻن مان الٽرا وائلٽ روشني وٺي ٿو ۽ جيئن ئي روشني هن ڌات تي پوي ٿي ته ڪيمائي عمل شروع ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو