پاڪ فوج ڪنٽرول لائن تي ڀارتي جاسوسي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو

راولپنڊي (پ ر) ڪنٽرول لائن تي رخچڪري سيڪٽر ۾پاڪ فوج، ڀارت جو هڪ جاسوسي ڊرون ڪيرائي ڇڏيو آهي. پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ٻڌايو تو ڊرون ڀارت کان ٿيندو پاڪستان جي سرحدن ۾ 150 ميٽر اندر داخل ٿيڻ بعد ڪيرايو ويو. ترجمان موجب ڀارتي ڊرون سرحدن تي واقع فوجي چوڪين جي جاسوسي ڪري رهيو  هو. اهڙي معلومات فوجي ترجمان ٽوئيٽ ذريعي ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو