پاڪ ايران ڇڪتاڻ، سون ۽ تيل جي قيمت ۾ واڌ، اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايراني ڪمانڊر جي قتل سبب وچ اوڀر جي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي منڊي ۾ سون ۽ تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. گذريل جمعي تي ايراني ڪمانڊر جي آمريڪي حملي ۾ قتل ٿيڻ بعد ايران آمريڪا کان بدلو وٺڻ ۽ 35 ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد آمريڪي صدر ٽرمپ 52 ٺڪاڻن تي حملن جي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ايران کي نئين هٿيار سان نشانو بڻائڻ سبب سيڙپڪار پريشان آهن. تيل جي قيمت 70 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي آهي جيڪا گذريل سال سيپٽمبر ۾ سعودي ريفائنريز تي حملي بعد وڏي واڌ آهي. آمريڪا، چين، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو،  گلف ملڪن ۽ پاڪستان ۾ اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ وڏي لاٿ آئي آهي. سون جي اگهن ۾ بيحد اضافو ٿي ويو آهي  ۽ في تولو جو اگهه 89800 روپيا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو