پاڪستان پاران شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو

 راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پنهنجي ميزائل سسٽم ۾ اضافو ڪندي زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ واري صلاحيت رکندڙ شاهين ون بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ٿيندڙ بيان مطابق ميزائل جو تجربو تربيتي مشق طور ڪيو ويو جنهن جو مقصد آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آپريشن جي تيارين کي آزمائڻ هو. آءِ ايس پي آر مطابق شاهين ون ميزائل 650 ڪلو ميٽر تائين هر قسم جي جنگي شين کي کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان مطابق ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن، ڪمانڊر آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، چيئرمين نيسڪام، اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن سان تعلق رکندڙ سينيئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي موجودگي ۾ اهو تجربو ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر مطابق فوج طرفان مضبوط هٿيارن جي نظام کي سنڀالڻ ۽ هلائڻ ۾ اعليٰ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر طرفان به هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايس ايس بي ايم شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو