پاڪستان لاءِ گليڪسي ايس 10 جهڙو، پر سَسِتو موبائل تيار

ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني ”سام سنگ“ پاڪستان ۾ وڪري لاءَ بهترين فيچرز ۽ ٻن ڪيمرائن وارو سستو ترين موبائل سيٽ پڌرو ڪرايو آهي. سام سنگ پاران ٺهرايل نئون پر سستو موبائل اي ايس 10 جي پهرئين ورزن اي 10 کي هلندڙ سال جي مارچ مهيني ۾ مشهوري ڪرڻ کانسواءِ ئي پڌرو ڪيو ويو. جڏهن ته ڪمپنيءَ هاڻي ساڳي فون جي اپڊيٽ ورزن اي 10 ايس کي متعارف ڪرايو ويو آهي. جنهن ۾ ڪمپنيءَ جي سڀ کان بهترين موبائل سيٽ گليڪسي ايس 10 جهڙا فيچر ڏنا ويا آهن. سام سنگ اي 10 ايس ۾ جتي فنگر پرنٽ جو فيچر ڏنو ويو آهي اتي ئي فيس لاڪ يعني چهري جي سڃاڻپ ڪرڻ وارو فيچر به هوندو. فون جي پٺئين پاسي ڏانهن 02 ڪيمرا هوندا جنهن مان هڪ ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جو هوندو. جڏهن ته موبائل سيٽ جي سامهون واري پاسي جي ڪيمرا 08 ميگا پڪسل هوندي ۽ اها پراڻي ورزن اي 10 کان گهڻي سٺي هوندي. نئون موبائل 02 ۽ 03 جي بي ريم وارو هوندو جڏهن ته ان جي اسڪرين جا ريزوليشن ايڇ ڊي هوندا. انهيءَ فون جي قيمت 24 هزار روپيا رکي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو