اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگبندي تي اتفاق کانپوءِ پاڪستان جون هوائي حدون هر قسم جي اُڏامن لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪري ڪيون ويون آهن.پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان موجب، ملڪ جا هڙئي هوائي اڏا هاڻي فلائيٽ آپريشن لاءِ کليل آهن.ترجمان وڌيڪ چيو ته مسافرن کان گذارش آهي ته پنهنجي پروازن جي تازي شيڊيول لاءِ لاڳاپيل ايئرلائين سان رابطو ڪن.










