پاڪستان بليڪ لسٽ کان بچي ويو فيبروري تائين آخري مهلت

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکندي فيبروري 2020 تائين آخري دفعو وقت ڏنو آهي ته هو دهشتگردن جي مالي ماونت ۽ مني لانڊرنگ بابت قانون سازي ڪري گهربل اپاءَ وٺي. ٽاسڪ فورس جي صدر پيرس ۾ نيوز ڪانفرنس ۾ اهڙو اعلان ڪيو. ڀارتي ڪوششن جي باوجود پاڪستان بليڪ لسٽ ٿيڻ کان بچي ويو ۽ ڀارت کي سخت مايوسي ٿي آهي. پاڪستان طرفان هن مهل تائين ورتل اپائن کي ساراهيو ۽ چيو ته دهشتگردن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ، ڪالعدم تنظيمين تي پابندي مڙهڻ سندن بئينڪ اڪائونٽ منجمند ڪرڻ سميت ڪافي اپاءَ ورتا آهن پر اڃا گهربل سطح جا اپاءَ رهيل آهن جيڪي وٺڻ لاءِ کين مهلت ڏني وڃي ٿي. ياد رهي ته ٽاسڪ فورس ۾ 37 ميمبر آهن جن ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، ڀارت، ترڪي، چين، خليج ليگ جا رڪن ملڪ ۽ ٻيا شامل آهن، پاڪستان ان جو ميمبر ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو