اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري تي حملو ڪيو ۽ بزدلاڻين حملن ۾ عام شهري کي نشانو بڻايو. پاڪستاني هٿياربند فوج ڀارتي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو آهي.بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري تي حملو ڪيو ۽ بزدلاڻين حملن ۾ عام شهري کي نشانو بڻايو. مان ڀارتي فوج جي بزدلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو.هن چيو ته ڀارت خطي جو امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت پاڪستاني سرزمين تي بي سبب ميزائل، ڊرون ۽ هوائي حملا ڪيا آهن، هو گذريل ٻن هفتن کان پاڪستان کي جارحاڻي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اسان بار بار چيو آهي ته پاڪستان پهلگام واقعي ۾ ملوث ناهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اسان سڀني ڀارتي الزامن جي غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي آهي.










