اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊائريڪٽر جنرل آف ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم اوز) وچ ۾ رابطو ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سومر تي پاڪستان ۽ ڀارت جي ڊي جي ايم اوز هٿياربند فوجن کي انهن جي معمول جي پوزيشن تي منتقل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطو ڪيو، ذريعن موجب جنگ بندي جو ايندڙ مرحلو پاڪستاني ۽ هندستاني فوجن جي امن واري وقت جي پوزيشن تي واپسي آهي.










