ٽوئٽر غير فعال اڪائونٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽوئٽر صارفين کي خبردار ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن هنن پنهنجو اڪائونٽ گذريل 6 مهينن کان استعمال ناهي ڪيو ته پوءِ اهي اڪائونٽ 11 ڊسمبر کان بند ڪيا ويندا. مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر جي انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته اهڙا تمام اڪائونٽ ختم ڪيا ويندا جيڪي گذريل 6 مهينن کان لاگ ناهن ڪيا ويا اهڙن اڪائونٽن ۾ اهڙا صارفين به شامل هوندا جيڪي فوت ٿي چڪا آهن. ڪمپني طرفان اهڙا قدم اپڊيٽ پرائيوسي پاليسي تحت کنيا ويا آهن ته جيئن ٽوئٽر کي وڌيڪ قابل اعتماد بڻائي سگهجي ۽ غير فعال اڪائونٽس بند ڪري مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي. استعمال نه ٿيندڙ اڪائونٽن کي ختم ڪرڻ بابت ٽوئيٽر ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 6 مهينن کان جنهن ٽوئٽر اڪائونٽس استعمال ناهي ڪيو ان کي ڊورمنٽ اڪائونٽ جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو. ترجمان جو چوڻ آهي ته اڪائونٽس ختم ڪرڻ سان ٽوئٽر تي صارفين جو اعتماد مضبوط ٿيندو ۽ اهي ماڻهو جيڪي غير اهم تصور ڪن ٿا انهن کي ان اهميت جو اندازو ٿي ويندو. ٽوئٽر ترجمان مطابق ڊورمينٽ اڪائونٽس ختم ڪرڻ جو عمل سڀ کان پهرين آمريڪا جي صارفين مان شروع ڪيو ويندو. ان کان علاوهه ڪمپني مطابق 11 ڊسمبر کان ڊورمنٽ اڪائونٽس کي ختم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيندو جنهن کان پوءِ اهڙن اڪائونٽن تي به نظر رکي ويندي جيڪي لاگ اِن ته ڪيا وڃن ٿا پر ڪا به سرگرمي ناهن ڏيکاريندا. ڪمپني انتظاميه جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اهڙو قدم صارفين کي پنهنجا اڪائونٽ ايڪٽو رکڻ لاءِ مجبور ڪندو ۽ ان کي پرائيويسي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ آمادهه ڪندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو