واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان ٽوئيٽر جو روايتي لوگو پسند ڪريو ٿا، هڪ وڏي جھٽڪي لاءِ تيار ٿي وڃو.ٽوئيٽر جي مالڪ ايلون مسڪ اعلان ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو مشهور بليو برڊ لوگو هاڻي ماضي جي ڳالهه ٿيڻ وارو آهي.هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته تمام جلد ٽوئيٽر برانڊ ۽ سمورن پکين کي الوداع چئي ڇڏينداسين، جيڪڏهن ايڪس لوگو سٺو آهي ته اهو اڄ رات (23 جولاءِ جي رات) پوسٽ ڪيو ويندو ۽ اهو 24 جولاءِ تي لائيو هوندو.هي ٽوئيٽر جي سڀ کان وڏي تبديلي هوندي جڏهن کان ايلون مسڪ آڪٽوبر 2022 ۾ اقتدار سنڀاليو.
