ٽنڊي ۾ ڪرنٽ ۽ ٿر ۾ عطائي جي سئي سبب ٻارڙا فوت

ٽنڊومستي/ نئون ڪوٽ (نادر علي اڄڻ / پيار علي نهڙيو) بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 6 سالن جو  نينگر ٽنڊو مستي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته نئون ڪوٽ ۾ عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو ته ڊاڪٽر ڪلينڪ ڇڏي ڀڄي ويو. ٽنڊومستي جي رهواسي جنسار جاگيراڻي جي 6 سالن جو پٽ معصوم  سلمان علي جاگيراڻي بجلي جي پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو سندس صدمي ۾ امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

*** نئون ڪوٽ جي شاهي بازار ڀرسان قائم عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ نفيس ننگر لڳ ڳوٺ فقير شير محمد بلاڻي جي رهواسي ڀومون ڪولهي پنهنجو معصوم پٽ پرڀو ڪولهي علاج لاءِ کڻي آيو ته عطائي ڊاڪٽر عبدالرزاق آرائين ٻالڪ کي انجيڪشن لڳايو جنهن بعد ٻارڙو بيهوش ٿي ويو، عطائي ڊاڪٽر فرار ٿي ويو. والدين ٻارڙي کي نئون ڪوٽ کڻي پئي ويا ته رستي ۾ ماءُ جي هنج م فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو