ٻيلي جي زمينن خلاف آپرشن جاري، سوين ايڪڙ فصل تباه

ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ هاء ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم تي ٻيلي کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. گھوٽڪي ۽ مٽياري ضلعن ۾ٻيلي کاتي جي مختلف زميندارن پاران قبضي هيٺ آيل هزارين ايڪڙ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آپريش شروع آهي ۽ هن مهل تائين سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ، مڪئي، مڱن، جوئر ۽ ٻين فصلن کي ڀيلائي ڇڏيو آهي. گھوٽڪي جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ضياد الله لغاري جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تي هر حال ۾ عمل ڪرائبو. هوڏانهن مٽياري جي ڊويزنل فاريسٽ آفيسر ثناءُ الله بليدي جي سربراهي ۾ پوليس ۽ اينٽي انڪروچمنٽ فورس ٽريڪٽرن، ڪرين ۽ ايڪسيويٽرن ذريعي ڪارروائي ڪري سوا سو ايڪڙن تي بيٺل غيرقانوني ڪڻڪ، مڪئي، مٽر، برسينگ توڙي ٻين فصلن کي ڀيلائي ڇڏيو جڏهن ته 4 ٽيوب ويل پڻ پٽيا ويا آهن. آپريشن مڪمل ڪرڻ بعد ٻيلي کاتي طرفان 40 ايڪڙن تي ٻٻر جو ٻج پڻ ڇٽيو ويو. ٻيلي کاتي جي ڊويزنل آفيسر ثناءُ الله بليدي موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٻيلي کاتي جي زمين آجي ڪرائڻ لاءِ بنا فرق جي ڪارروائي ڪري قبضي هيٺ آيل سڀئي زمينون خالي ڪرايون وينديون. هن چيو ته ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ ليز تي ڏنل زمين پڻ معطل ڪئي ويئي آهي جنهن بابت انفرادي طور توڙي ميڊيا ذريعي ليز حاصل ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو ۽ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا هئا ان جي باوجود به سرڪاري زمين خالي نه ڪئي ويئي جنهن کان پوءِ زمين خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گھوٽڪي جي عادلپور ٻيلي جي متاثره آبادگارن وزير احمد ۽ محمد پناه چاچڙ روزاني سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيلي کاتي جي اهلڪارن زيادتي ڪئي آهي. هنن چيو ته هاء ڪورٽ ٻيلي کاتي کي 8 هفتن جي مهلت ڏني هئي پر ٻيلي کاتي وارن جلد بازي ۾ خوف پکيڙڻ لاء ڪارروائي ڪري اسانجا بيٺل فصل ڀيلائي لکين روپين جو نقصان ڪيو آهي. آبادگارن چيو ته عدالتي حڪم جي آڙ ۾ شروع ڪيل آپريشن بند ڪيو وڃي. هنن سوال اٿاريو ته آخر لکين ايڪڙ زمين خالي ڪرائي ٻيلو کاتو ڇا ڪندو، جڏهن کاتي وٽ پگھارن لاء پئسا ناهن ته اهي لکين ايڪڙ زمين تي هڪ ئي وقت ڪيئن ٻيلا پوکيندا؟

پهنجو تبصرو موڪليو