ٻن عورتن جي قتل جا 2 جوابدار هٿيارن سميت گرفتار

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ڳجهي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪندي  سي سيڪشن ٿاڻي جي انچارج اختيار علي پنھور  ٻن روپوش جوابدارن کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سي سيڪشن ٿاڻي جي انچارج  چيو ته جوابدار ٽي مھينا اڳ ٽائون ڪميٽي جي ويجهو  ھٿيارن جي زور تي ڏينهن ڏٺي جو گھر ۾ گهري ھٿيارن جا منھن کولي بيدرديءَ سان ٻن عورتن مسمات فرزانه ۽ مسمات سڀائي خاتون کي  قتل ڪري بلوچستان فرار ٿي ويا هئا. جنهن جي گرفتاري لاءِ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪئي وئي پر هو هٿ نه آيا. ڳجهو اطلاع مليو ته ڪيس ۾ گهربل جوابدار ٻيهر ڪنهن  واردات ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل آهن، پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري المدينه  پمپ واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن دوران جوابدار نصيب ملڪ ۽ رحمت الله ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو. فرياد عمران ملڪ جوابدارن جي گرفتاري تي ٿاڻي تي پهچي ٿاڻي جي انچارج اختيار علي پنھور کي خوشي مان ھار پارايا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو