ٻارن کي رات جو گيم کيڏڻ کان روڪڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ)چين ۾ ٻارن جي ننڊ کي يقيني بنائڻ ۽ وڊيو گيمس جي عادت ڇڏرائڻ جي لاءِ چين جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽينسينٽ ھولڊنگز چھري کي سڃاڻڻ وارو ھڪ نئون سسٽم ميدان تي آندو آهي جنهن جو اھم مقصد 18 سالن ۽ ان کان گهٽ عمر جي ٻارن کي رات جو 10 بجي کان صبح جو 8 بجي تائين وڊيو گيمس کيڏڻ کان روڪڻ آهي ـ ھن سسٽم کي مڊنائيٽ پيٽرول جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اھو سسٽم ڪمپني جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ گيمس تي لاڳو ٿيندو ـ ٽينسينٽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي گيمنگ ڪمپنيء آهي. جو ھي سسٽم اھڙن ٻارن کي روڪڻ جي لاء آهي جيڪي سڄي رات گيم کيڏندا رهن ٿا پر ننڊ نه ٿا ڪن ۽ ساڳي وقت تي گيم کيڏندڙ ٻارن جي عمر جو به ڪاٿو لڳايو ويندو ته انهن مان اڪثريت جو تعلق ڪھڙي عمر سان آهي ـ ڪمپنيء جو چوڻ آهي ته جيڪو به ٻار ھن ڊوائيس جي سامهون اچڻ کان انڪار ڪندو ته ان کي آن لائين گيمس کان مستقل طور تي آف لائين ڪيو ويندو ـ چيني حڪومت جو چوڻ آهي ته ڪو به ٻار هفتي ۾ 90 منٽ کان وڌيڪ گيم نه کيڏي سگهندو. ڪمپني 15 سالن تي جي عمر تائين ٻارن لاءِ گيم کيڏڻ جي ماهوار فيس 200 يو آن ۽ 16کان 18 سالن تائين 400 يو آن ادا ڪرڻ پوندا. ياد رهي ته چين آمريڪا کانپوءِ دنيا جو ٻيو وڏو مارڪيٽ آهي. چين ۾ نومبر 2019 ۾ ٻارن جي گيم کيڏڻ تي پابندين وارو قانون لاڳو ڪيو ويو هو جنه کي گيم تي ڪرفيو جو نالو ڏنو ويو هو ، هاڻي ان تي وڏي پيماني تي عمل ڪرڻ لاءِ نئون سافٽ ويئر متعارف ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو