ٺيڪيدار جي مزدورن سان ٺڳي، انصاف لاءِ احتجاج

ٺيڪيدار جي مزدورن سان ٺڳي، انصاف لاءِ احتجاج

سانگهڙ (نادر بڙدي) ڍورو نارو ۾ مزدوري ڪندڙ پنجاب جي شهر علي پور جا رهوسي 23 پورهيت دربدر ٿي ويا ٺيڪيدار پاران نڌڻڪو ڇڏي ڏيڻ بعد مزدور پيرين پنڌ ڍورو نارو مان  سانگهڙ پهتا۽ ٺيڪدار خلاف احتجاج ڪيو. هنن ٻڌايو ته لاڪ ڊائون کان ڪجهه ڏينهن اڳ علي پور جو رهواسي  ٺيڪدار  رب نواز اسان 23 مزدورن کي  مزدوري جي بهاني ڍورو نارو وٺي آيو  جتي واهه جي کوٽائي ڪرائيندو هو  تنهن دوران ٺيڪدار لاڪ ڊائون جو ٻڌي اسان مزدورن جا 85 هزار کڻي   فراڊ ڪري فرار ٿي ويو آھي تنهن دوران اسين ٽن ڏينهن کان پيرين پنڌ اڄ سانگهڙ پهتا آھيون اسان وٽ نه کائڻ لاء ڪجهه آھي نه وري اسان  وٽ علي پور وڃڻ جو ڪرايو آھي اسين ٽن ڏينهن کان بک تي در در ڌڪا کائي رهيا آھيون اسان جو ڪير داد فرياد ٻڌڻ وارو نه آھي. هنن ٺيڪدار جي خلاف قانوني ڪاروائي جي گُھر  ڪندي چيو ته ٺيڪدار کي گرفتار ڪري اسان مزدور سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو