ٺل مان گٽڪو ۽ نوابشاهه مان سوپاريون هٿ، ملزم گرفتار

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري ويهھ لک روپين جي ماليت جي زيڊ ايڪويهه سو نشي آور پڙين جا ساڍا ٽي سئو پيڪٽ ڪار ۾ ھٿ ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ٻن جوابدارن سبحان علي بروھي ۽انور بروهي خلاف ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي.

نوابشاهه جوابدار گرفتار، فوٽو سنڌيار

ڪار ڪراچي کان اٺھٺ موري جي طرف اچي رھي ھئي، ڪارروائي انسپيڪٽر مبين پرھياڙ جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. ****ٺل مان عبدالنبي شيخ موجب ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد دين ڳڙهه وٽ سي آءِ اي جيڪب آباد جي پوليس پاران انچارج غلام مرتضيٰ ميراڻي ڳجهي اطلاع ملڻ تي بلوچستان کان ايندڙ ٽريڪٽر ٽرالي کي روڪيو، جتان تلاشي وٺڻ تي 500 ڪلو نشي آور گٽڪو هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته پوليس هڪ جوابدار حسيب سرڪي کي پڻ گرفتار ڪيو ۽ سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو