يوسي چيئرمين جي نااهلي،علائقو کنڊر

بوزداروڏا(حسين ٽانوري) يوسي پير ٻڍڙو  جي انتظاميه جي بي ڌياني سبب يوسي جي  ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺ حاجي سنجر خان لنڊ، ڳوٺ علي بخش لنڊ،ڳوٺ غلام اڪبر لنڊ، گابر شاخ ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري عوام صخت پريشان ،صفائي نه ٿيڻ ڪري گندگي جا ڍير لڳل آھن جڏهن ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري گندين نالين جو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ڪري اڪثر علائقي ۾ بدبوءِ ڦھليل رهي ٿي ۽ گندگي سبب وڏيون بيماريون پکڙجڻ جو انديشو آهي  رستن تي پاڻي بيهڻ ڪري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وڏيون پريشانيون درپيش آهن گذريل ڪيترن سالن کان صفائي نه ٿيڻ ڪري يوسي پيرٻڍڙو جا مختلف محلا ۽ رستا کنڊر بڻيل آھن علائقي واسين جميل احمد لنڊ ،ذولفقار لنڊ، فوجي ڪمال الدين لنڊ ،حاڪم خان لنڊ،اعظم طارق لنڊ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هتان جي عوام سان يوسي چئيرمين محفوظ ڪٻر ۽ ضلعي ميمبر محمد نواز لنڊ وڏي ويڌن ڪري آهي ايتري قدر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته چئن سالن ۾ نه اسان کي سولر پليٽ، نه  سلائي مشين ،نه نلڪا مليا آهن نه وري ڪوبه ترقياتي ڪم ڪرايو ويو آهي هنن سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته يوسي سميت علائقي اندر ترقياتي ڪم ڪرائي ڏنا وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو