ويرات ۽ مون شادي ڳجهي رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ايتري تائين جو هڪٻئي کي ڪوڙن نالن سان سڏيو: انوشڪا شرما

ممبئي (شوبز نيوز) انوشڪا شرما چيو آهي ته هوءَ نه پئي چاهي ته سندن شادي ڪنهن وڏي شخصيت جي شادي جيان ڏسجي. انوشڪا شرما تازو ئي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان پنهنجي شادي بابت رازن تان پردو کنيو آهي. انوشڪا چيو ته هن ۽ ويرات پنهنجي شادي کي ڳجهو رکڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر ائين نه ٿي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته هوءَ هڪ سادي گهراڻي جيان شادي ڪرڻ چاهي پئي، اتي رڳو 42 ماڻهو موجود هئا، جن ۾ رڳو اسان جو خاندان ۽ ويجها دوست شامل هئا. سيليبرٽي ڪپل پنهنجي شادي کي ڳجهو رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ايتري تائين جو هنن هڪٻئي کي ڪوڙن نالن سان به سڏيو. انوشڪا چيو ته شادي جي ڏهاڙن ۾ ويرات جو ڪوڙو نالو “راهول” رکيو هو. انوشڪا شرما آخري ڀيري پنهنجي فلم “ زيرو” ۾ نظر آئي هئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ باليووڊ بادشاهه شاهه رخ خان پڻ شامل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو