وفاق پاران لاکڙا ڪول ۾ بٺا بند ڪرڻ تي سرمائيدارن جو ڪنوينشن

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) آل لاکڙا ڪول مائينز اونرس ايسوسيئيشن طرفان بٺا بند ڪرائڻ تي وفاقي سرڪار خلاف ڪنوينشن ڪوٺايو ويو تقريب ۾ بلوچستان جي سردار لشڪري خان رئيساڻي، عبدالصمد رئيساڻي، شڪيل پٺاڻ،  اڳوڻي ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي سرڪار پاران ٻٺا بند ڪرائڻ سان کين وڏو نقصان ٿئي پيو ۽ مقامي طور تي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو سرڪار جي غلط رٿابندي سبب ملڪ کي به نقصان ٿيندو جنهن خلاف احتجاج سان گڏ عدالت سان رجوع ڪنداسين.

هنن چيو ته مقامي ماڻھو به مسئلا پيدا ڪرڻ بجاءِ تعاون ڪن. هوڏانهن  پروگرام لاءِ ضلع جي مختلف ٿاڻن تان پوليس گهرائي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي. ٻئي طرف لاکڙا جي باقر ڪوئلا ڪمپني جي لوڊنگ مزدورن جو نيڪالي ڏيڻ خلاف احتجاج جاري رهيو جنهن جي اڳواڻي لقمان خان کوسو، محمد عثمان کوسو، علي شير کوسو، لکاڏنو کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. جن جو چوڻ هو ته ٻاهرين صوبن کان آيل سردار علائقي ۾ وڏي  تعداد ۾ پوليس گهرائي لکين روپيا خرچ ڪري بااثر ماڻھن کي گڏ ڪري طاقت جو مظاهرو ڪري کين داٻا ڏئي رهيا آھن ساڳئن سرمائيدارن 200 کان وڌيڪ بيلچي مزدورن جي روزي تي لت هڻي پنهنجي علائقن وارن ماڻھن کي ڀرتي ڪيو آھي جنهن خلاف اٿندڙ آواز کي دٻائڻ لاءِ بااثرن پوليس ۽ ڪامورن کي سهولتون ڏئي دٻدٻو پيدا ڪري رهيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته سندن روزگار بحال ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو