وفاقي پوليس راڻا ثناءَ جا وارنٽ کڻي آيل اينٽي ڪرپشن ٽيم کي واپس موڪلي ڇڏيو

وفاقي پوليس راڻا ثناءَ جا وارنٽ کڻي آيل اينٽي ڪرپشن ٽيم کي واپس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس پنجاب جي اينٽي ڪرپشن ٽيم کي واپس موڪلي ڇڏيو، جيڪا راڻا ثناءُ الله جا وارنٽ کڻي آئي.ذريعن موجب پنجاب جي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڪوهسار ٿاڻي تي پوليس جي مدد وٺڻ لاءِ پهتي ۽ وفاقي گهرو وزير جا وارنٽ طلب ڪري ورتا، جنهن تي پوليس اختيارين موقف اختيار ڪيو ته راڻا ثناءُ الله ڪوهسار پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ نٿو رهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ٽيم ۾ 4 آفيسر به شامل آهن جن کي وفاقي پوليس واپس موڪليو آهي.پوليس عملدارن اينٽي ڪرپشن کي ٻڌايو ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيل ايڊريس فيصل آباد جو آهي ۽ هو ڪوهسار ٿاڻي جي حد ۾ نٿو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو