اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو،نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن.وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهباز شريف جو هي پهريون يو اي اي جو دورو آهي.دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ متحده عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان وچ ۾ ملاقات ٿيندي.ملاقات ۾ يو اي اي ۽ پاڪستان وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي غور ڪيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني ۽ يو اي اي جي واپارين ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو.يو اي اي ۾ وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اماراتي واپارين سان به ملاقاتون ڪندو.










