اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي حملي کانپوءِ پاڪستان جي ڪامياب آپريشن تي سياسي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ قوم کي مبارڪباد پڻ ڏني.وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين پي پي پي بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، بئريسٽر گوهر، خالد مقبول، حافظ نعيم، خالد مگسي ۽ چوڌري سالڪ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران وزيراعظم سياسي اڳواڻن کي ڀارت خلاف جوابي ڪارروائي بابت اعتماد ۾ ورتو.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ‘الحمدالله، پاڪستاني هٿياربند فوجن مضبوط ۽ مربوط جواب ڏنو آهي. ڀارت پهلگام واقعي جي حقيقتن کي ڳولڻ لاءِ غير جانبدار جاچ کي رد ڪري ڇڏيو. ڀارت پاڪستان تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا. انهن جارحاڻي ڪارروائين جي باوجود، پاڪستان انتهائي صبر سان ڪم ڪيو.هن چيو ته ڀارتي حملي ۾ غير مسلح ۽ بيگناهه شهري نشانو بڻايا ويا، پر اسان جي بهادر فوجن ڀارت جي انهن لڳاتار ڪارروائين جو ڀرپور جواب ڏنو. اڄ، اسان ڀارت کي مناسب جواب ڏنو آهي ۽ معصومن جي خون جو بدلو ورتو آهي. اسان کي پنهنجي فوجن تي فخر آهي. مان توهان ۽ سڄي قوم کي هن ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏيان ٿو. اسان هندستان جي ناپاڪ ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.وزيراعظم جي پيغام ۾، سياسي اڳواڻن پڻ پاڪ فوج جي سپاهين جي دانشمندي، جرئت ۽ پيشه ورانه صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته سياسي اڳواڻن هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ۽ پوري قوم جي تعاون ۽ يڪجهتي جو يقين ڏياريو. سياسي قيادت چيو ته مادر وطن جي دفاع ۾ اسان جي بهادر فوجن جون صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن.بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي سياسي قيادت جي حمايت تي شاندار لفظن ۾ شڪريو ادا ڪيو.










