واري جي ڀِٽن ۾ واقع کاري پاڻي جون وشال ڍنڍون،اعجاز مهر

سنڌ ۾ هونئن ته تفريحي جايون ڪافي آهن جتي مناسب سهولتون نه هجڻ ڪري سياحت کي اها ترقي ناهي ملي سگهي جيڪا ملڻ گهرجي. سنڌ حڪومت سياحت جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي ۽ ويب پورٽل به ٺاهيو آهي جتان سياح مختلف جاين تي گهمڻ لاءِ موجود سنڌ جي سياحت کاتي جي هوٽلن ۾ آن لائن بڪنگ ڪري سگهندا. سنڌ ۾ ڪافي ماڳ اهڙا به آهن جيڪي اڪثر ماڻهن کي خبر ناهي، جيڪڏهن آهي به ته اها ڃاڻ اڻپوري آهي. گذريل ويڪ اينڊ تي عمر ڪوٽ وڃڻ ٿيو جتي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه سان ڪچهري ۾ ڪلانڪر ڍنڍ جو ذڪر نڪتو.

ڪلانڪر ڍنڍ جي ڪناري جو هڪ منظر

هن جڏهن ٻڌايو ته عمر ڪوٽ جي وارياسين ڀٽن جي وچ ۾ تمام ڊگهو ڍنڍن جو هڪ سلسلو آهي ته مون کيس فوري اها ڍنڍ ڏسڻ جي خواهش ڪئي. اسين گڏجي پٿورو تعلقي ۾ ڍورو نارو کان مٿان علم ادب جي حوالي سان تاريخي ڳوٺ طور مشهور کنڀرو کان ٿيندا ڪلانڪر ڍنڍ تي پهتاسين. رستو ڪچو، پرپيچ ۽ وارياسي چڙهائي وارو هو جتي فور وهيل گاڏي ته هلي ويندي باقي ڪار وغيره جي جاءِ ناهي. ون ٽو فاءِ موٽي سائيڪل به وڃي سگهي ٿي. وسڻ کانپوءِ ٿر سرسبز لڳو پيو هو، هر طرف ساواڻ هئي، گاهن جي گلزاري لڳي پئي هئي، مال ۽ ماڻهو خوش لڳا پيا هئا. وڻ ٽڻ به ساوا هئا، کٻڙ يا ڄار، ڪرڙ ڪنڊين ۽ ٻٻرن جي وڻن سان تنگ ٿيل رستي تان ٿيندا نيٺ تفريحي مقام تي پهتاسين. جتي ڪجهه هٽس نوان ٺهيل هئا، باٿ روم ۽ ڪچن به هئا پر ويهڻ لاءِ نه کٽ نه ڪرسي هئي. منجهند جي وقت به ڀٽ تي واقع اونچائي واري جاءِ تي هوا ٿڌي لڳي رهي هئي. شايد اسانکي پگهر آيل هو جو هوا ٿڌي پئي لڳي. ڳوٺ کنڀرو جي دوست ميان خالد ولهاري ٻڌايو ته ڪلانڪر ڍنڍ سان گڏوگڏ موڍاڪر، کارڙو ڍنڍ، ڏڏر ڍنڍ سميت ڪيتريون ئي ڍنڍون پاڻ ۾ جڙيل آهن ۽ هي ڍنڍن جو سلسلو ڀارت جي جيسلمير واري علائقي ۾ ملي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڍنڍن جو پاڻي کارو آهي ۽ انهن ۾ مڇي وغيره ناهي. هنن ڍنڍن ۾ سکر بيراج کان نڪرندڙ نارا ڪينال جو ڇوڙ ٿيندو هو ۽ جڏهن دريائي پاڻي گهڻي مقدار ۾ ايندو هو ته ڍنڍن جو پاڻي مٺو ٿي ويندو هو ۽ ان ۾ مڇي به ٿيندي هئي. هن موجب هي پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جون ڍنڍون آهن ۽ انهن جي ڊيگهه ويڪر ۽ گهرائي بابت ڪا تحقيق ناهي ٿي ان ڪري ڪا به معلومات ميسر ناهي. جنهن ڀٽ تي سياحت کاتي جا نوان هٽس ٺهيل آهن اتي آس پاس ملاحن جا ڳوٺ آهن ۽ ڪجهه نوجوان ملاح هٿ سان هلڻ واريون ننڍيون ٻيڙيون ڍنڍ تي جهليو بيٺا آهن.

ڪلانڪر ڍنڍ جي ڀٽ تي ٽهيل هٽس جو منظر

انهن ٻيڙين ۾ هڪ يا ٻه ماڻهو ئي ويهي سگهن ٿا. مون ٻيڙي ۾ ويهي ڍنڍ گهمي ۽ پاڻي چکي ڏٺو ته واقعي ڪوڙو هو جيئن سمنڊ جو پاڻي هوندو آهي. بهر حال مون اترين علائقن ۾ پهاڙن ۾ واقع ڍنڍو ته ڏٺيون هيون يا ميداني علائقن ۾ ڪينجهر وغيره جهڙيون به ڍنڍون ڏٺل هيون ۽ هتي واري جي پهاڙن ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان واقع ڍنڍون ڏسي حيراني ٿي. وشال ساگر جيان نانگ جي پٽي جيان زگ زيگ هي ڍنڍون بهترين تفريحي مقام بڻجي سگهجن ٿيون جيڪڏهن سياحت کاتو انهن جي مارڪيٽنگ ڪري ۽ نون تعمير ڪيل هٽس ۾ فرنيچر، بجلي ۽ پاڻي جو انتظام ڪري. جيئن تي هي مقام بيراجي ۽ ٿر جي سنگم لڳ واقع آهي، اتي اهي سهولتون پهچائڻ ڪو گهڻي لاڳت جو ڪم ناهي. مون سياحت کاتي جي ٺاهيل ويب پورٽل جو جائزو ورتو جنهن ۾ ڪلانڪر ڍنڍ جو ذڪر ئي ناهي. هي جيئن تي سياحت واري وزير جو اباڻو علائقو ۽ چونڊ حلقو به آهي، کيس گهرجي ته هو ٿورو وڌيڪ ڌيان ڏئي ۽ ڪلانڪر بابت ڪا تحقيات ڪري ان کي به پورٽل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.  

وسڪاري کانپوءِ ويران ڀِٽن به سائو ويس اوڍي ڇڏيو

هن علائقي ۾ اچڻ لاءِ ڳوٺ کنڀرو تائين ڪار ۾ آرام سان اچي سگهجي ٿو باقي چار پنج ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻ لاءَ کنڀرو وٽان انتظام ٿي سگهي ٿو. موجوده حالتن ۾ فيملي سان جيڪڏهن اچجي ته پاڻي، لائيٽ، کاڌي پيتي جو انتظام پاڻ کي ڪرڻو پوندو، رهڻ جي جاءِ بهترين آهي. واپسي تي ڊاڪٽر نور علي شاهه ٻڌايو ته هي ڍنڍون عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي سرحدي سنگم تي آهن ۽ ڪجهه ڀٽون سانگهڙ ۾ آهن ته ڪجهه عمر ڪوٽ ۾. اهڙي طرح ڍنڍن جون حدون به ٻنهي ضلعن ۾ ورهايل آهن. جيڪڏهن ڪجهه دوست گڏجي هتي اچي چانڊوڪي رات ۾ محفل مچائن ته انهن لاءِ هي تفريح جو هڪ نئون ۽ بهترين ماڳ هوندو. منهنجي تجويز اها به آهي ته هينئر ڪجهه گرمي آهي آڪٽوبر کان فيبروري تائين رات گذارڻ لاءِ هي شاندار ماڳ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو