هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو منصوبو مڪمل ٿي ويو،عمران خان

هريپور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا.وزيراعظم عمران خان هري پور جي دوري جي موقعي تي ٻوٽو لڳايو ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ بلين ٽري منصوبي جي تحت  هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ڪڏهن به ڪنهن ڊگهي وقت واري پلاننگ ناهي ڪئي.وزيراعظم چيو ته 5 جون تي ماحوليات جو ڏينهن ملهايو ويندو. پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ ٻيلن جي واڍي ٿي رهي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات خيبرپختونخواهه کان ڪئي ۽ وڻ لڳائڻ سان موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ٿيندا.تقريب دوران وزيراعظم عمران خان جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم پروگرام جي ڪاميابين تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ياد رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ وزيراعظم عمران خان آگسٽ تائين هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مقرر ڪندي چئني صوبن ۾ وڻڪاري مهم دوران پاڻ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو