ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صائمه جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم عطائي ڊاڪٽرن خلاف ٺڪراٺي ۾ ڇاپا هڻي 8 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلنڪ سيل ڪري ڇڏيون. جن ۾ انيل ڪمار، سعيد پتافي، طالب آرائين، ڀاڳچند، ضمير ملڪ، حاڪم علي مهر، ميوو سوڍڙو ۽ عامر حسين منگي جون ڪلينڪ شامل آهن. جڏهن ته عبد السميع عباسي ۽ محمد علي خالدي جون 2 ليبارٽريون پڻ سيل ڪيون ويون آهن. سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ميڊيا کي ٻڌايو ته عطائين جي علاج سبب ماڻھن ۾ ايڊز سميت خطرناڪ مرض پکڙجن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته ڪلنڪ کوليندڙ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ايف آء آر داخل ڪرائي ويندي. ٽيم ۾ ڊاڪٽر رضا ڪاظمي ، ڊاڪٽر غلام شبيردايو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر اشفاق ڪورائي پڻ شامل هئا.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2024/06/patti-1-1536x173-1.jpg)