هن سال ست ملين سام سنگ فون وڪرو ٿيڻ جا امڪان

لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ هن وقت فولڊ ايبل اسمارٽ فون جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي ۽ ڪمپني طرفان ان اعزاز کي قائم رکڻ جي لاءِ  ڪافي ڪوششون ڪيون پيون وڃن.ڏکڻ ڪورين ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي  وئي آهي ته هلندڙ سال جي لاءِ سام سنگ جو مقصد گيلڪسي زيڊ فولڊ 3 ۽ زيڊ فلپ 2 جا 6 کان 7 ملين يونٽ وڪرو ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ ڪيل اڳڪٿي موجب هلندڙ سال سام سنگ جي لاءِ گيلڪسي زيڊ فولڊ 3 ڪي 3 ملين جڏهن ته زيڊ فلپ 2 جا 4 ملين فون وڪرو ٿيڻ جي اميد آهي.ياد  رهي ته گذريل سال ڪمپني 5 ملين اسمارٽ فون وڪرو ڪرڻ جو اندازو لڳايو هو.پر سال جي آخر تائين ڪمپني صرف اڍائي ملين فولڊ ايبل اسمارٽ فون ئي وڪرو ڪري سگهي هئي.دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته فولڊ ايبل جي گهرج  هن وقت ماضي جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ آهي ان ڪري سام سنگ هن سال گذريل سال کان ڪافي وڌيڪ اسمارٽ فون وڪرو ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو