نيوزيلينڊ ۾ 9 ئي پاڪستانين جي وفات جي تصديق، سڃاڻپ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان آچر تي نيوزيلينڊ جي ٻن مسجدن تي حملن ۾ ٽن وڌيڪ پاڪستانين جي فوتگي جي تصديق ڪئي آهي. ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾چيو آهي ته حملن ۾ 9 پاڪستانين جي پڪ ٿي وئي آهي.جن ٽن شهيرين جي اڄ تصديق ٿي آهي تن ۾ ذيشان رضا، سندس والد غلام حسين ۽ والده ڪرم بي بي شامل آهن. جڏهن ته  ڪالهه ترجمان جن 6 شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي هئي انهن ۾ سهيل شاهد، سيد جهانداد علي (لاهور)، سيد اريب احمد (ڪراچي)، محبوب هارون (اسلام آباد)، نعيم رشيد (ايبٽ آباد) ۽ طلحه نعيم رشيد (ايبٽ آباد) شامل آهن.ترجمان موجب نعيم رشيد نمازين کي بچائيندي مارجي ويو. نعيم ۽ سندس پٽ طلحه کي نيوزيلينڊ ۾ ئي دفن ڪيو ويندو ۽ ٻين جا لاش وطن آڻڻ جو انتظام انهن جي وارثن جي خواهش مطابق ڪيو پيو وڃي.نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائيسٽ چرچ ۾ جمع نماز مهل ڪيل حملي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا هئا. 9 پاڪستانين جي لاپته ٿيڻ جي خبر آئي هئي ۽ مقامي ميڊيا ذريعن جي حوالي سان 9 ئي پاڪستانين جي مارجڻ جي ڪالهه ئي خبر نشر ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو