اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي اعليٰ سطحي اداري قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ فوج کي ڀارت خلاف جنگي جواب جو مڪمل اختيار سونپيندي چيو آهي ته بيگناهه شهرين جي موت جو بدلو ورتو وڃي، ان لاءِ ٽارگيٽ، وقت هنڌ ۽ طريقيڪار جو تعين فوج پاڻ ڪري. قومي سلامتي ڪميٽي (NSC) جو اجلاس، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڀارت جي حملي ۾ شهيد ٿيل بيگناهه شهرين لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. اين ايس سي ڀارت جي بناجواز، بزدلاڻي ۽ غيرقانوني جنگي عمل مان پيدا ٿيل خطرناڪ حالتن تي غور ڪيو. 6 ۽ 7 مئي 2025 جي وچ واري رات، ڀارتي هٿياربند فوجون پاڪستان جي خودمختيار علائقن ـ جن ۾ پنجاب جي شهرن سيالڪوٽ، شڪرڳڙهه، مريدڪي ۽ بهاولپور، ۽ آزاد جمون ۽ ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي ۽ مظفرآباد شامل آهن، تي گڏيل ميزائل، فضائي ۽ ڊرون حملا ڪيا. انهن بناجواز ۽ ناجائز حملن جو مقصد عام شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ هو، جن بابت ڪوڙيون دعوائون ڪيون ويون ته اتي “خيالي دهشتگرد ڪيمپون” موجود آهن. انهن حملن ۾ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي ۽ شهري ڍانچي کي، جن ۾ مسجدون به شامل آهن، نقصان پهتو. ڀارت جي هن جارحيت، دوست خليجي ملڪن جي مسافر جهازن لاءِ به وڏو خطرو پيدا ڪيو، جنهن سان هزارين مسافرن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون. ان کان سواءِ، نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي به خاص طور نشانو بڻايو ويو، جيڪو عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي. اين ايس سي واضح انداز ۾ انهن غيرقانوني حرڪتن کي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل ڀڃڪڙي قرار ڏنو، جيڪي بين الاقوامي قانون تحت جنگي عمل سمجهيا وڃن ٿا. ڀارتي فوج طرفان بيگناهه شهرين، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، کي ارادي طور نشانو بڻائڻ هڪ شرمناڪ ڏوهه آهي، جيڪو انسانيت جي اصولن ۽ بين الاقوامي قانون جي مڃتا جي کلي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان دهشتگرد ڪيمپن هجڻ واري ڀارتي الزام کي رد ڪندو رهيو آهي. 22 اپريل 2025 کان فوري بعد پاڪستان هڪ شفاف، غيرجانبدار ۽ معتبر جاچ جي سنجيده پيشڪش ڪئي، جيڪا افسوس سان ڀارت طرفان قبول نه ڪئي وئي. عالمي ميڊيا اڳ ۾ ئي 6 مئي تي انهن “خيالي دهشتگرد ڪيمپن” جو دورو ڪري چڪي هئي ۽ وڌيڪ دورن لاءِ 7 مئي تي منصوبابندي به ٿيل هئي. ڀارت، پنهنجي ڪوڙ کي اجاگر ٿيڻ جي ڊپ کان، بغير ڪنهن ثبوت جي، بزدليءَ سان بيگناهه شهرين تي حملو ڪيو، جيڪو ان جي غيراخلاقيت، سياسي مفادن لاءِ مختصر نظرين ۽ حقيقت کان پري سوچن جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان لاءِ پنهنجي بيگناهه عوام تي حملو قطعي ناقابل قبول ۽ ناقابل برداشت آهي. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر عقل ۽ اخلاقيات جي ابتڙ قدم کڻي خطي ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي آهي، جنهن جا نتيجا مڪمل طور ڀارت جي ذميواري هوندا. پاڪستان جي هٿياربند فوجن، 22 اپريل 2025 واري اين ايس سي جي بيان ۾ بيان ڪيل پاڻمرادو بچاءُ ۽ ردعمل جي فريم ورڪ جي تحت، ڀارتي جارحيت خلاف ملڪ جي علائقائي سالميت، بشمول آزاد جمون ۽ ڪشمير، جي پرعزم دفاع ڪيو، ۽ ان دوران پنج ڀارتي جنگي جهازن ۽ ڊرونز کي ماريو. اقوام متحده جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي مطابق، پاڪستان کي پنهنجي بچاءُ جي حق ۾، ڪنهن به وقت، ڪنهن به هنڌ ۽ ڪنهن به طريقي سان جواب ڏيڻ جو مڪمل حق حاصل آهي، ته جيئن بيگناهه پاڪستانين جي جانين جي نقصان ۽ ملڪ جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي جو بدلو ورتو وڃي. پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي لاڳاپيل ڪارروائي ڪرڻ جي مڪمل اجازت ڏني وئي آهي. ڀارت جي کلي جارحيت تي پوري پاڪستاني قوم ڏاڍي ڏک ۾ ورتل آهي، پر ساڳئي وقت پنهنجي بهادر فوجن جي همت، بهادري ۽ وقت سر دفاعي ڪارروائيءَ کي ساراهيندي، سندن جذبن تي فخر ڪري ٿي. سڄي قوم هر ممڪن حملي جي صورت ۾ اتحاد ۽ حوصلي سان بيٺل آهي. اين ايس سي عالمي برادري کي اپيل ڪري ٿي ته هو ڀارت جي بي سبب ۽ غيرقانوني ڪاررواين جي سنجيدگي کي سمجهي ۽ ان کي بين الاقوامي اصولن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ذميوار ٺهرايو. پاڪستان امن، وقار ۽ عزت سان پرعزم آهي، ۽ ٻيهر ورجائي ٿو ته پنهنجي خودمختياري، علائقائي سالميت يا پنهنجي باوقار عوام کي نقصان پهچائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي اجازت نه ڏيندو.










