نيب سکر جو خانپور ۾ فلور مل مالڪن جي گهرن تي ڇاپو

خانپور(حميد سيال) نيب سکر جي ٽيم عورت پوليس اهلڪارن سان گڏ شاهي بازار ۾ فلور ملز مالڪن جي گهرن تي ڇاپو هڻي تلاشي ورتي. نيب زريعن جو چوڻ آهي ته ڪروڙن جي ڪرپشن ۾ ملوث شمن لعل ۽ سندس پٽ سنيل جي گهران ڪجهه اهم دستاويز مليا آهن. عورت پوليس اهلڪارن جي مدد سان گهرن جي مختلف حصن جي جهڙتي ورتي وئي، جنهن بعد هو واپس هليا ويا. نيب موجب هنن خلاف سرڪاري ڪڻڪ جي خريداري ۾ گهوٻين جي حوالي سان جاچ هلندڙ آهي. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ايم پي اي جي مدد سان هنن ڪرپشن ڪئي آهي. سنيل ۽ سندس والد شمن لعل گهرن ۾ موجود نه هئا گهر کي تالو هڻي هو گم ٿي ويا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو