نيب هٿان خورشيد شاهه جي گرفتاري، بلاول جي مذمت

اسلام آباد(اياز مهر) قومي اسمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي نيب اسلام آباد جي بني گالا واري گهرمان گرفتار ڪري ورتو آهي. آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ بي نامي ملڪيتون رکڻ جي الزام ۾ کيس نيب سکر ۽ اسلام آباد جي ٽيمن اسلام آباد پوليس سان گڏ گرفتار ڪري ورتو. سندن ملازمن ميڊيا کي ٻڌايو ته 20 کان 25 اهلڪار آيا ۽ سائين کي ساڻ وٺي ويا. نيب گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي پر ڪيسن جو تفصيل ناهي ڏنو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته خميس تي اسلام آباد ۾ ان راهداري رمانڊ وٺي بعد ۾ کيس سکر منتقل ڪيو ويندو. خورشيد شاهه خلاف نيب چيئرمين 31 جولاءِ تي جاچ جي منظوري ڏني جنهن بعد نيب سندس خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ويا. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ لاءِ سکر ۾ کيس پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو ته هن چيو ته قومي اسمبلي جو اجلاس ٿو هلي مان نٿو اچي سگهان. جنهن تي نيب اربع تي کيس گرفتار ڪيو. مٿس الزام آهي ته هن 500 ارب جي ملڪيت ٺاهي آهي جيڪا پهلاج ، عمر جان، آفتاب سومرو ۽ ٻين جي نالن تي آهي. ذريعن موجب نيب سندس فرنٽ مين کي گهرائي وٽائن معلومات ورتي هئي ۽ ڪجهه ماڻهن سندن نالي تي خورشيد شاهه پاران ملڪيت وٺڻ جي نيب کي بيان حلفي به ڏنو آهي. اسلام آباد وارو گهر به عمر جان جي نالي آهي ۽ سکر جا اڪثر ٺيڪا به عمر جان جي ڪمپني کي ملندا رهيا آهن. نيب جي حوالي سان اڳ ۾ ميڊيا ۾ خبرون آيون هيون ته سندس خاندان جي نالي  100 کان وڌيڪ بئنڪ اڪائونٽس آهن، جنهن جي خورتشيد شاهه ترديد ڪئي هئي. ڪراچي، سکر، روهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ سندس گهر آهن، فلور ملز، صالح پٽ ۾ سوين ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻيون ملڪيتون به آهن. سندس خاندان ۽ پنهنجي استعمال ۾ بم پروف گاڏين سميت لينڊ ڪروزر، پراڊو وغيره پڻ سندس فرنٽ مين جي نالن تي ورتل آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيري رحمان سميت پيپلز پارٽي اڳواڻن سندس گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قومي اسمبلي جي هلندڙ سيشن دوران اسپيڪر جي اجازت کانسواءِ سندس گرفتاري جنگل جو قانون آهي. شيري رحمان چيو ته جهڙي طرح .والاريل ڪشمير۾ ڀارتي سرڪار ظلم پئي ڪري ساڳئي نموني پاڪستان ۾ عمران سرڪار پئي ڪري

پهنجو تبصرو موڪليو