نواز جي شجاعت سان ملاقات،چونڊون گڏجي ورهڻ تي اتفاق

لاهور: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ميان نوازشريف مسلم ليگ(ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان 15 سالن کان پوءِ ملاقات ڪئي آهي. نواز شريف اڄ چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه ظهور الاهي روڊ پهتو جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات 40 منٽن تائين جاري رهي.نوازشريف سان گڏ شهباز شريف، مريم نواز، راڻا ثناءُالله، سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ اعظم نذير تارڙ سميت پارٽي جا ٻيا اڳواڻ به ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.نوازشريف ۽ ليگي اڳواڻن جي پهچڻ تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن سندن پرجوش استقبال ڪيو. مسلم ليگ(ق) طرفان سالڪ حسين، شافع حسين، طارق بشير چيمه ۽ امتياز رانجها به شريڪ ٿيا.نوازشريف مسلم ليگ(ق) جي سربراهه شجاعت حسين جي خيريت پڇا ڪئي. چوڌري شجاعت حسين نوازشريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مسلم ليگ(ن) ۽ مسلم ليگ(ق) جي قيادت ايندڙ عام چونڊن ۾ گڏيل تعاون تي به ڳالهيون ڪيون.مسلم ليگ(ق) ملاقات کان پوءِ پنهنجي پارٽي قيادت جو اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته مسلم ليگ(ق) جي قيادت ليگي قيادت سان ملاقات جي باري ۾ پنهنجي اڳواڻن کي به اعتماد ۾ وٺندي.نوازشريف ۽ چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ايندڙ چونڊن بابت مشاوت ڪئي وئي. جڏهن ته ان دوران چوڌري شجاعت مطالبو ڪيو ته جن سيٽن تي اسان جا ماڻهو کٽيا هئا نه صرف اهي اسان کي ڏنيون وڃن پر گجرات، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُالدين ۽ حافظ آباد ۾ به سيٽون ڏنيون وڃن.ذريعن موجب(ن) ليگ ۽(ق) ليگ وچ ۾ پنجاب اسيمبلي جي 4 ۽ قومي اسيمبلي جي 2 سيٽن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي. (ن) ليگ طارق بشير چيمه جي مقابلي ۾ ڪوبه اميدوار نه بيهاريندي. جڏهن ته چڪوال مان قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر رهندڙ چوڌري سالڪ جي سيٽ تي به ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته چوڌري شافع گجرات مان چونڊون وڙهندو. پر ملاقات ۾ موجود چوڌري وجاهت جي پٽ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر حسين الاهي جي سيٽ تي ڪابه مشاورت نه ٿي ٻنهي طرفان ان تي بعد ۾ مشاورت تي اتفاق ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ملاقات ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ٻين 2 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي جيڪي نالا چوڌري شجاعت ڏيندو انهن جي سيٽ ڪنفرم ٿيندي ان جي لاءِ چوڌري شجاعت ٻنهي پٽن جو نالو ڏنو آهي انهن جي مقابلي ۾(ن) ليگ ڪوبه اميدوار نه بيهاريندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن چوڌري سالڪ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو ته ان جي هيٺيان 2 صوبائي اسيمبلين جا اميدوار(ن) ليگ جا هوندا جڏهن ته طارق بشير چيمه جي هيٺيان 2 صوبائي اسيمبلين تي به (ن) ليگ جا اميدوار هوندا.نوازشريف ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ملاقات کان پوءِ(ن) ليگ جو وفد ميڊيا سان ڳالهائڻ کان سواءِ واپس روانو ٿي ويو جڏهن ته(ق) ليگ طرفان به ميڊيا سان ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو