نوازشريف علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي رضامند

لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڊاڪٽرن جي مشوري ۽ گهرڀاتين جي قائل ڪرڻ بعد علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ تي راضي ٿي ويو آهي. شريف خاندان جي ذريعن مطابق ڊاڪٽرن پاران پاڪستان ۾ موجود سڀئي علاج استعمال ڪرڻ کان پوءِ ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ واري آخري آپشن تي لنڊن وڃڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري آهي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) نواز شريف جي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ بابت ڊاڪٽرن جون تجويزون پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سان شيئر ڪيون ويون هيون. شريف خاندان جي ذريعن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته رپورٽ جي روشني ۾ حڪومت طرفان ٻن ڏينهن اندر نوازشريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ هو ٻاهرين ملڪ وڃي سگهندو. جيڪڏهن نوازشريف جو نالو اي سي ايل لسٽ مان ڪڍيو ويو ته هو هن هفتي ئي لنڊن روانو ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته سندس نياڻي مريم نواز به ساڻس گڏ ويندي جنهن جو پاسپورٽ چوڏري شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندڙ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو