ناموس رسالت جي الزام هيٺ بند پيل اسڪول ٻيهر کُلي ويو

گهوٽڪي/ اوٻاوڙو(ن س) ناموس رسالت جي الزام هيٺ آيل گهوٽڪي سنڌ پبلڪ اسڪول جي پرنسپل نوتن مل واري وڳوڙي کان پوءِ اڄ  ٻيهر اسڪول کوليو ويو.  اسڪول جو ڪجھ عملو اسڪول اندر پهچي اسڪول کوليو ۽ 50 کن شاگرد اسڪول پهتا. جڏهن ته خوف سبب ڪيترائي شاگرد اسڪول نه آيا. اسڪول اندر موجود شاگردن ۽ استادن جو چوڻ هو ته تعليمي ادارو کلڻ سان تمام خوشي ٿي آهي انتظاميه جو مڪمل ساٿ آهي سمورن شاگردن کي گهرجي ته هو خوف ختم ڪري اسڪول اچن.

هوڏانهن ڊي ايس پي گهوٽڪي سنڌ پبلڪ اسڪول پهچي شاگردن ۽ استادن کان تفصيل ورتا. جڏهن ته اسڪول ٻاهران سخت سيڪورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن پوليس سان گڏ رينجرز جا عملدار پڻ الرٽ بڻيل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو