ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لياري ۾ پاڻي لائين منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون کي روزانو 27 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، لياري ۾ هلندڙ نئين پاڻي لائين جو منصوبو سنڌ حڪومت پاران لياري جي عوام لاءِ تحفو آهي، هن اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ان سلسلي ۾ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، اھڙي خيالن جو اظهار ۽ ھدايتون مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر شاھ پاران پراڻي سبزي منڊي سنڌي هوٽل پل کان ٻڪرا پڙي پل تائين 32 انچ قطر جي نئين پاڻي جي لائين منصوبي جي دوري دوران ڪيو، صوبائي وزير منصوبي تي هلندڙ ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تفصيلي معائنو پڻ ڪيو، دوري جي موقعي تي وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، پي پي اڳواڻ سيد نجمي عالم، سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان، سڪندر زرداري، ظفر پليجو، محمد رياض ۽ واٽر بورڊ جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پاران صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ منصوبي تي 960 ملين روپين جي لاڳت ايندي جڏهن تہ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون کي روزانو 27 ملين گيلن پاڻي فراهم ٿيندو، دوري جي موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري لاءِ بهتر قدم کڻي رهي آهي ھن چيو تہ لياري منصوبي جا سمورا فنڊ سنڌ حڪومت پاڻ ادا ڪري رهي آهي، هن لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏيندي چيو تہ لياري جي پاڻي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تہ ھي منصوبو سنڌ حڪومت پاران لياري جي عوام لاءِ جو تحفو آهي هن چيو هن اهم منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان لياري ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، صوبائي وزير سي اي او واٽر بورڊ کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو تہ شهرين جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ڇاڪاڻ تہ ڪراچي جي عوام جو پاڻي چوري ٿيڻ ھرگز نہ ڏينداسين.










