مڙس نشو ڪري روز ماري ٿو، انصاف ڪيو وڃي

مورو(اياز سولنگي) مسمات سنڌو ميمڻ پنھنجي ڀائرن سان گڏجي مڙس خلاف اهتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس مڙس شهابالدين ميمڻ نشئي آهي ۽ روز مٿس تشدد ڪري زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پنج سال پھريان ساڻس شادي ٿي ۽ ڪجهه عرصي بعد هو مٿس تشدد ڪرڻ سروع ٿيو. ڪيترا ڀيرا کيس سمجهايو پرهو نه مڙيو. سندس گهر ڀاتي به منهنجي خلاف ٿي ويا آهن. مون 27 رمضان تي کيس چيو ته پيڪن عيد ڪرڻ جي اجزت ڏيو ته ان تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ لتن ۽ مڪن سان مار ڏني ۽ ڀت سان مٿو ٽڪرائيندا رهيا. هن چيو ته مڙس شرابي آهي ۽ پهرين گهرواري جيڪا سندس پنجن ٻارن جي مءُ هئي ان کي به تسدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو هئائين. هن چيو ته هو ءَ زخمي هالت م مورو ٿاڻي تي وئي ۽ فرياد داخل ڪرائي پر پوليس هن مهل تائ.ين ڪو ايڪشن ناهي کنيو. هن چيف جسٽس، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز سميت اعليٰاختيارين کي انصاف لاءِ اپيل ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو