ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عالمي شهرت يافته اداڪاره ماهرہ خان ڪراچي جي واپاري مير رضا جي قتل ڪيس ۾ سندس وڪيل جبران ناصر جي مؤقف جي حمايت ڪندي ناانصافي خلاف روڊن تي نڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ موجب مير رضا کي پٺيان گولي هڻڻ ۽ جسم تي تشدد جا نشان مليا هئا، جڏهن ته سڃاڻپ مٽائڻ لاءِ سندس چهر ۽ هٿن تي تيزاب پڻ اڇلايو ويو هو.










