مولوي سميت ٽن ڀائرن جي ڀيڻ سان زنا، ملزم گرفتار، اڊياله جيل حوالي

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي گولڙه واري علائقي ۾ ٽن وحشي صفت ڀائرن پهنجي پندره سالن جي ڀيڻ کي جنسي حوس جو شڪار بڻايوآهي. پوليس ٽنهي درندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ملزمن پاران ڏوهه جو اعتراف، عدالت کين اڊياله جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. وحشي جانور صفت انسانن ۾ هڪ خطيب به شامل آهي، جيڪو جمع نماز جا خطبا به پڙهندو آهي. ڀيڻ کي آخري دفعو حوس جو شڪار بڻائيندڙ مولوي ڀاءُ مدرسي ۾ ساڻس منهن ڪارو ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته بنون جو رهائشي هي خاندان ڪجهه سالن کان اسلام آباد ۾ رهندو آهي. پنجن ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن تي مشتمل هن خاندان جا والدين فوت ٿي ويا آهن. متاثره ڇوڪري ڏاڍائي بعد بيمار ٿي پئي ۽ پنهنجي گهر بدران مرحوم والد جي هڪ دوست وٽ علاج لاءِ وئي. جنهن کي حقيقت ڪيائين ۽ ان پوليس کي اطلاع ڪيو. متعلقه ٿاڻي جي ايس ايڇ او ارشدعلي صحافين کي ٻڌايو ته اطلاع ملڻ تي هنن ٽئي ملزم گرفتار ڪيا آهن ۽ هنن پوليس ۽ عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. ايس ايڇ او موجب متاثره ڇوڪري کين ٻڌايو ته کيس سڀني کان اڳ ۾ ٻه سال پهرين جڏهن سندس عمر تيرنهن سال هئي ته هڪ ڀاءُ جيڪو مزدوري ڪندو آهي هن کيس حوس جو نشانو بنايو. بعد ۾ ٻئي ڀاءُ جيڪو پڻ مزدور آهي تنهن جنسي تشدد ڪيو ۽ مسلسل ڪندو رهيو. هن اها دانهن پنهنجي مولوي ڀاءُ کي ڏني جنهن به وجهه وٺي کيس قرآن پڙهائڻ بهاني مدرسي ۾ منهن ڪارو ڪيو ۽ قرآن ڏيکاريو ته ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجان. ايس ايڇ او ڇوڪري جي حوالي سان ٻڌايو ته هوءَ بيمار ٿي پئي ۽ پنهنجي مرحوم والد جي دوست وٽ وڃي علاج ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو